درگاهه واڌو واڌن

درگاهه واڌو واڌن

درگاهه واڌو واڌن

درگاهه واڌو واڌن: هيءُ مقبرو پير مشائخ جي درگاهه جي ويجهو، تعلقي سوڀيديري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي، جنهن ۾ پنهنجي وقت جي صوفي بزرگ ۽ اولياء پير واڌن سائين جي مزار آهي. مقبرو هڪڙي هجري تي مشتمل آهي، جنهن جي مهاڙيءَ ۾ چوڪاٺي ۾ در، ان جي مٿان ڇڄو ۽ رنگن سان زيبائشي چٽ ڪڍيا ويا آهن. در جي ڇڄي مٿان ڪالم آهن، جن ۾ مٿئين ڪالم تي ڪلمو اڪريل آهي. ٻنهي پاسن کان دريون آهن، جن مٿان ڇڄو ۽ ان جي مٿان روشندان آهي. قبي جي ٻيڙ ٻني تي بٺيءَ جي شڪل جون ڪنگريون آهن. مقبري تي اٺ ڪنڊي ڳچ کي ڪنڊ جوڙون ڏئي گنبذ رکيو ويو آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻي جو گل رکيل آهي. مقبري جي چؤڦير اڱڻ ۾ قبرون آهن، مقبري جي هيءَ عمارت تازي تعمير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو